اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جو مجموعي پرڏيھي قرض گذريل ڏهن سالن دوران لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي 2025ع ۾ 135 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويو آهي.عالمي بئنڪ جي انٽرنيشنل ڊيٽ رپورٽ 2026ع موجب 2015ع ۾ پاڪستان جو پرڏيھي قرض 68 ارب 67 ڪروڙ ڊالر هو، جيڪو 2025ع ۾ وڌي 135 ارب 10 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو. رپورٽ موجب مجموعي قرضن مان 107 ارب 7 ڪروڙ ڊالر سرڪاري ۽ حڪومتي ضمانت هيٺ ورتل قرض آهن، جڏهن ته 17 ارب 58 ڪروڙ ڊالر خانگي شعبي جا قرض آهن، جن جي حڪومت ضمانت نه ڏني آهي. ان کان علاوه 10 ارب 45 ڪروڙ ڊالر مختصر مدي وارا قرض شامل آهن. عالمي بئنڪ موجب پاڪستان تي گهڻ طرفن مالي ادارن جا 56 ارب 83 ڪروڙ ڊالر، ٻين ملڪن جا 42 ارب 43 ڪروڙ ڊالر ۽ خانگي قرض ڏيندڙن جا 7 ارب 80 ڪروڙ ڊالر واجب الادا آهن. چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو انفرادي قرض ڏيندڙ ملڪ آهي، جنهن جا پاڪستان تي 22 ارب 40 ڪروڙ ڊالر واجب الادا آهن. جڏهن ته عالمي بئنڪ جا 19 ارب 20 ڪروڙ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا 16 ارب 83 ڪروڙ ڊالر قرض به شامل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري مالي ادارن کان ورتل قرضن جي واپسي جو سراسري مدو 16 سال ۽ وياج جي شرح 3.6 سيڪڙو آهي، جڏهن ته خانگي قرض ڏيندڙن کان ورتل قرضن تي سراسري وياج جي شرح 8.6 سيڪڙو آهي ۽ واپسي جو مدو رڳو 3 سال آهي. عالمي بئنڪ موجب 2025ع دوران چين پاڪستان کي ڏنل 2 ارب ڊالرن جي قرض جي واپسي واري مدي ۾ واڌ ڪئي، جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) به مختلف پروگرامن تحت پاڪستان کي 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جا نوان قرض فراهم ڪيا. رپورٽ موجب وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان واري خطي ۾ ٻاهرين قرضن ۽ مجموعي قومي آمدني جو تناسب 2025ع ۾ وڌي 29.4 سيڪڙو ٿي ويو، جيڪو گذريل سال 26.7 سيڪڙو هو. عالمي بئنڪ ان واڌ کي خطي ۾ ٻاهرين قرضن جي وڌندڙ بار جو وڏو اشارو قرار ڏنو آهي.










