پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيات آباد ۾ نادرا آفيس جي پويان فائرنگ جي واقعي ۾ نادرا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مارجي ويو. ايس ايس پي آپريشنز فرحان خان موجب فائرنگ واري هنڌ تان 30 بور پستول جا 8 خول هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي ميمبر نور عالم خان پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل شخص سندس ڀائٽيو فهد خان هو، جيڪو نادرا هيڊڪوارٽر جي سامهون دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.










