اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي انڊيڪس 40 هزار کان به گهٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هفتي جي شروعاتي ڏينهن تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس 1105 پوائنٽ ڪري پيا ۽ اسٽاڪ 39 هزار 143 پوائنٽ تي بند ٿيو. جمعي تي مارڪيٽ 40 هزار 249 پوائنٽ تي بند ٿي هئي. مارڪيٽ سان لاڳاپيل بروڪرن جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ م ٻاڙائي جو مک ڪارڻ ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ آهي. ڊان نيوز موجب ماهرن جو خيال آهي ته سيڙپڪارن کي وڏي منافعي جي جيڪا توقع هئي اها گهٽجي رهي آهي جنهن ڪري هو سيڙپڪاري کان لنوائي رهيا آهن. ياد رهي ته جنوري جي وچ ڌاري 100 انڊيڪس 43 هزار کان ٽپي وئي هئي پر ان بعد مسلسل ٻاڙائي هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو