هفتي ڀر جوميلو شروع، شيطان جي استعيفيٰ جي تياري

نوابشاه (اي ڪي ڏاهري) ڊويزنل انتظاميه شهيد بينظيرآباد طرفان6 ڏينهن وارو سائنسي، ثقافتي ۽ راندين وارو فيسٽيول شروع ٿئي چڪو آهي جنهن جو باقاعده افتتاح سومر تي ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاهه ۽ ضلعي چيئرمين ڄام تماچي انڙگڏيل طورتي ڪيو. افتتاحي تقريب جو آغاز اسڪولي ٻارڙن جي ميراٿن ريس ۽ سائيڪل ريس سان ڪيوويو جن ۾مختلف اسڪولن جي سوين شاگردن حصو ورتو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ مرزا ناصر علي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون، سرڪاري عملدارن، غير سرڪاري ادارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن، استادن، شاگردن ۽ شهرين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر چيو ته اسڪولي ٻارڙن جي لاءِ غير نصابي سرگرميون انتهائي لازمي آهن جن سان انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو.

هن ٻڌايو ته ان کي نظر ۾ رکندي ئي انتظاميه هي فيسٽيول ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ڊويزن جي سمورن ضلعن شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز جي اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيون آهن. هن ڊويزن جي سمورن کاتن کي هدايتون ڪندي چيو ته هن فيسٽيول کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته هن فيسٽيول جي ابتدا ٽن ڏينهن 24، 25 ۽ 26 فيبروري تي مختلف راندين جهڙوڪـ، ڪرڪيٽ، هاڪي، بيڊمنٽن، ميراٿن ريس ۽ سائيڪل ريس لاءِ مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته 27، 28 ۽ 29 فيبروري تي ايس ايم خواجه هائي اسڪول جي گرائونڊ تي ثقافتي ميلو ۽ گلن جي نمائش لڳائي ويندي جنهن دوران محفل موسيقي جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا ان کان علاوه ثقافت کاتي سنڌ حڪومت طرفان شيطان جي استعيفيٰ جي نالي سان هڪ اسٽيج ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين شهيد بينظير آباد ڄام تماچي انڙ چيو ته سڄي ضلعي ۾ راندين جي گرائونڊس جو عوام پاڻ مالڪي ڪري ته جئين انهن کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهجي ۽ نوجوان نسل کي راندين جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته نوابشاهه جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن جن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انتظاميه هن ريت جو فيسٽيول ڪرائي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي جنهن جا مستقبل ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا. ان کان اڳ تقريب جي ابتدا ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن وچ ۾ ميراٿن ريس ڪرائي وئي جنهن دوران ڪيترن شاگردن ريس ۾ حصو ورتو ميراٿن ريس ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان شروع ٿي جيڪا شهر جي مختلف علائقن ۾ 3 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪيو جڏهن ته سائيڪل ريس ۾ پڻ ڪيترن ئي شاگردن حصو ورتو ان دوران سائيڪل سوارن شهر جي مختلف علائقن ۾ 10 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو ۽ واپس ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهتا.

ميراٿن ريس ۾ پهرين پوزيشن قائد عوام يونيورسٽي جي شاگرد همٿ ولي ماڻي جنهن کي 7 هزار روپيا روڪ. ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، ٻئي پوزيشن سمارٽ اسڪول نوابشاهه جي شاگرد سيف الله ماڻي جنهن کي 5 هزار روڪ، ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو جڏهن ته ٽين پوزيشن مسلم هائي اسڪول جي شاگرد ذيشان احمد ماڻي جنهن کي 3 هزار روڪ، ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. اهڙي ريت سائيڪل ريس ۾ پهرين پوزيشن غلام حيدر شاهه ڪالوني جي اسڪول جي شاگرد عابد بروهي ماڻي جنهن کي 7 هزار روپيا روڪ ، ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، ٻئي پوزيشن ميونسپل اسڪول نوابشاهه جي شاگرد احسان علي ماڻي جنهن کي 5 هزار روپيا روڪ، ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو اهڙي ريت ٽين پوزيشن مسلم هائي اسڪول جي شاگرد جي ڪالو داس ماڻي جنهن کي 3 هزار روپيا روڪ، ٽرافي ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگرياڻين قومي نغمن تي ٽيبلوز ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا

پهنجو تبصرو موڪليو