تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سومر ڏينهن چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ ٻيهر ڀڙڪڻ جي خطري باوجود ثالثن ذريعي آمريڪا سان انتهائي اهم ۽ تيز رفتار ڳالهيون جاري آهن.
سرڪاري خبر ايجنسي ارنا (IRNA) کي وڊيو انٽرويو ڏيندي هن چيو ته، ”موجوده صورتحال جي حساسيت ۽ سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي، صلاح مشورا ۽ خيالن جي ڏي وٺ انتهائي تيز رفتاريءَ سان جاري آهي. قطر ۽ پاڪستان انهن ڳالهين ۾ ثالثيءَ جو انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.“
گذريل ڏينهن ايران چيو هو ته آمريڪا اسانجون تجويزون مڃي ته آبنائي هرمز ستن ڏينهن بدران ٻن ڏينهن ۾ کولي سگهون ٿا.










