سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪامياب نه ٿيندي: نياز ڪالاڻي

سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪامياب نه ٿيندي: نياز ڪالاڻي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان 22 نومبر تي اعلانيل وحدتِ سنڌ مارچ جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم شهيد بشير خان گروپ) طرفان ضلعي اوڀر جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا.جسقم شهيد بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، پنهل ساريو، ڪامريڊ شبير راڄپر، حنان عباسي ۽ ٻين اڳواڻن جمالي پل، سچل ڳوٺ، عبدالله شاهه غازي ۽ ٻين علائقن جا دورا ڪيا، جتي ڪارنر گڏجاڻيون به ڪوٺايون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، جنهن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب آهي. هنن چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هنن چيو ته 22 نومبر تي ڪراچي ۾ شهيد بشير خان قريشي جي جلسن وانگر ماڻهن جو سمنڊ گڏ ڪري عوامي ريفرنڊم ذريعي اهو پيغام ڏنو ويندو ته سنڌ کي ڪڏهن به ورهائي نٿو سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو