اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته اها سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي پابند نه آهي پر انهي کان صرف رهنمائي وٺي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي وفاقي آئيني عدالت جي لاءِ صرف قائل ڪندڙ حيثيت آهي، سپريم ڪورٽ جي قانوني فيصلن تي تڏهن عمل ڪري سگهجي ٿو جڏهن اهي آئين ۽ قانون سان هڪ جهڙائي رکندا هجن. آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان نظرثاني ۽ اپيل جي اختيار بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. آئيني عدالت نظرثاني درخواستن جي دائري بابت اهم اصول واضح ڪندي قرار ڏنو ته نظرثاني جو مقصد ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي يا اڳ کان طئي ٿيل نڪتن تي بحث جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪرڻ نه، پر رڪارڊ تي موجود واضح غلطي يا اهڙي ڪوتاهي جي نشاندهي آهي جنهن سان انصاف متاثر ٿيو هجي.عدالت واضح ڪيو ته بنا جواز ۽ بدنيتي تي ٻڌل نظرثاني درخواستن جي حوصله شڪني ڪئي ويندي. اهڙي درخواست داخل ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته لاڳاپيل وڪيل جي خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.عدالت قرار ڏنو ته نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ يا ڌر کي سببن تي ٻڌل سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻو پوندو. انهي کان علاوه نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 50 هزار روپيه بطور سيڪيورٽي جمع ڪرائڻ به لازمي هوندو.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ليو ٽو اپيل بذات خود اپيل جو حق نه آهي، پر عدالت جي اجازت ملڻ کان پوءِ ئي درخواست اپيل جي حيثيت اختيار ڪندي آهي، ليوٽو اپيل رد ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته لازمن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توثيق ڪئي وئي آهي.فيصلي موجب ليوٽو اپيل تي عدالت لاءِ تفصيلي سبب ڏيڻ ضروري نه آهي، غير تفصيلي حڪم يا نان اسپيڪنگ آرڊر بذات خود ريويو جو جواز نه آهن، ليوٽو اپيل جي مرحلي تي عدالت قانوني سوال يا انصاف جو قتل عام روڪڻ جي ضرورت جو جائزو وٺندي آهي. آئيني عدالت ليز جي بحالي ۽ قبضي بابت بلوچستان ٽريڊنگ ڪمپني جي نظرثاني درخواست رد ڪندي جمع ڪرايل سيڪيورٽي ضبط ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. عدالت موجب ڪمپني رڪارڊ تي موجود ڪنهن به واضح غلطي جي نشاندهي ناهي ڪئي، پر اڳ کان کنيل نڪتا ئي ٻيهر پيش ڪيا هئا.










