پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر ۾ امن لاءِ 5 نڪتن تي ٻڌل منصوبو شروع

پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر ۾ امن لاءِ 5 نڪتن تي ٻڌل منصوبو شروع

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر ۾ امن لاءِ 5 نڪتن تي ٻڌل منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي.چيني صدر شي جن پنگ جي نظرئي ۽ پارٽي جي تعمير بابت سندس انداز فڪر تي منعقد هڪ مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته شي جن پنگ جي اڳواڻي جي تعريف ڪريون ٿا. ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپن جي 75هين جڏهن ته چيني ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي قيام جي 105هين سالگره ملهائي رهي آهي.پاڪستان جي دوري تي آيل چيني وزير ليو هائي شنگ جي آجيان ڪندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته چيني صدر شي جن جي قيادت ۾ عوام دوست حڪمراني جي ذريعي ترقي ڪئي، چين پاڪستان سياسي پارٽين جو فورم ۽ سي پيڪ گڏيل مشاورتي نظام اهم پليٽ فارم آهن.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ تعاون قائم آهي، جن ۾ مشاورت اهميت رکي ٿي ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري، گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون تي قائم آهي. انهي موقعي تي چيني وزير ليوهائي شنگ جو چوڻ هو ته اڄ جي چين کي سمجهڻ جي لاءِ چيني ڪميونسٽ پارٽي کي سمجهڻ ضروري آهي، چين جي صدر شي جن پنگ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، هن نئين سوچ ۽ نئين حڪمت عملين جو هڪ سلسلو پيش ڪيو، انهي جي پارٽي تنظيم سازي ۽ نظريي کي سمجهڻو پوندو.پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ ڀروسي تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهيون. شيري رحمان جو چوڻ هو ته چين جي مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي قابل تعريف آهي، شي جن پنگ سوچ عوامي فلاح، گڊ گورننس ۽ ڪرپشن جي خاتمي تي زور ڏئي ٿي، پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن، 75 سالن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي..واضح رهي ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ گذريل رات اسلام آباد پهتو هو. پرڏيهي وزارت موجب ليو هائي شنگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي.چيني وزير ليو هائي شنگ جي اسلام آباد پهچڻ تي سينيٽر انوشه رحمان خان ۽ گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري(ايشيا پيسيفڪ) ڊاڪٽر محمد فيصل انهي جو استقبال ڪيو.ليوهائي شنگ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي واري عالمي شعبي جو وزير آهي ۽ انهي جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جاري اعليٰ سطحي ڏي وٺ جو حصو آهي. اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي لاءِ جاري اعليٰ سطحي تبادلن جي عڪاسي ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو