پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، بيرسٽر سيف جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهيا آهيون. بيرسٽر سيف جو اهو چوڻ بي بنياد آهي ته آڇ باوجود باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪئي وئي. انٽرويو دوران بيرسٽر سيف جي سمورن دعوائن کي رد ڪريان ٿو، سندس سڀئي دعوٰي ڪوڙا آهن.هن چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ عدالت ۽ ڳالهين سميت هر ممڪن طريقو اختيار ڪيو، پر سمورين ڪوششن باوجود اسان کي هڪ به ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. جڏهن ته ڳالهين واري عمل دوران عمران خان تائين رسائي به اسان جي شرطن مان هڪ هئي.واضح رهي ته جيو نيوز جي پروگرام ”جرڳو“ ۾ بيرسٽر سيف دعويٰ ڪئي هئي ته راجا ناصر عباس جو اسٽيبلشمينٽ جي اهم ماڻهن سان سڌو رابطو آهي، پر اهي رابطا عمران خان جي آزاديءَ لاءِ ناهن.










