شڪارپور ۾ پوليس آپريشن، ڌاڙيل مارجي ويو، 10 کان وڌيڪ زخمي

شڪارپور ۾ پوليس آپريشن، ڌاڙيل مارجي ويو، 10 کان وڌيڪ زخمي

شڪارپور(ن س )شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڀرسان ڳوٺ کنڊ معرفاڻي ۾ پوليس آپريشن ڪيو. آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته پوليس پاران ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي پڻ استعمال ڪئي وئي.پوليس عملدارن ٻڌايو ته آپريشن دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ شوڪت عرف وادهو معرفاڻي طور ٿي آهي. مارجي ويل ڌاڙيل قتل، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ پوليس مقابلن سميت 12 ڪيسن ۾ گهربل هو. پوليس عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل پوليس اهلڪار نهال بروهي جي شهادت واري واقعي ۾ پڻ ملوث هو. آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته پوليس ڳوٺ کنڊ معرفاڻي ۾ وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو