لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ وياج جي شرح وڌڻ جي امڪان بابت بئنڪ آف انگلينڊ جو اهم فيصلو 5 نومبر تي متوقع آهي. ميڊيا رپورٽ موجب بئنڪ آف انگلينڊ وياج جي شرح 3.75 سيڪڙو مان وڌائي 4 سيڪڙو ڪري سگهي ٿو. آگسٽ 2023ع کانپوءِ پهريون ڀيرو برطانيا ۾ وياج جي شرح وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 3.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب برطانيا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿيا آهن، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽ ۾ جنوري دوران برطانيا جي انرجي پرائس ڪيپ ۾ 22 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.










