آبادي ۾ واڌ سان گڏ نوان صوبا به ضروري آهن: فاروق ستار

آبادي ۾ واڌ سان گڏ نوان صوبا به ضروري آهن: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته آبادي ۾ واڌ سان گڏ نوان صوبا ٺاهڻ به ضروري آهن. جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته جڏهن شهرين جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا ته محرومين ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته ملڪ جا موجوده چار صوبا ڪجهه خاندانن جي اجاره داري برقرار رکڻ جو ذريعو بڻيل آهن.فاروق ستار جو چوڻ هو ته هاڻي پاڪستان ۾ شرڪتي ۽ شموليت واري جمهوريت جي ضرورت آهي، جڏهن ته چئني صوبن ۾ نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ ضروري آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ انتظامي ورهاست جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو