واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ تمام جلد ختم ٿي ويندي. آمريڪي رياست آئووا ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ايران کي معاهدو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ آمريڪا جلد معاملو اڪلائي ڇڏيندو. ٽرمپ چيو ته هو ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي ٿو، پر هڪ مرحلو اهڙو به ايندو، جڏهن سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي.










