پيٽرول مھانگو، ڊيزل سستو ٿي ويو

پيٽرول مھانگو، ڊيزل سستو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو. پيٽرول جي قيمت ۾ 1.20 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 17 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 393.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 396.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 15 آڪٽوبر کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو