ڊيپ فيڪ وڊيو جنسي هراسان ڪرڻ جي برابر قرار

ڊيپ فيڪ وڊيو جنسي هراسان ڪرڻ جي برابر قرار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور فلم ’ديورا: پارٽ ون‘ جي گاني ’چٽا مالے‘ جي اي آءِ ذريعي تبديل ڪيل ڊيپ فيڪ وڊيو تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، جنهن کي هن جنسي هراسان ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي گاني جي اي آءِ ذريعي تيار ڪيل ۽ تبديل ٿيل وڊيو گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جونيئر اين ٽي آر ۽ جهانوي ڪپور اداڪاري ڪئي آهي. جهانوي ڪپور عورتن کي اعتراض جوڳي انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن عورت جي رضامندي کانسواءِ فرضي يا تبديل ٿيل مواد ڦهلائڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته عورتن کي اعتراض جوڳي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ رضامندي کانسواءِ جعلي مواد ڦهلائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ۽ جنسي زيادتي جي برابر محسوس ٿئي ٿو. جهانوي ڪپور موجب سندس انڊسٽري ۾ تقريبن هر عورت کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ عورتون تيزي سان اهڙن واقعن جو نشانو بڻجي رهيون آهن. هن چيو ته رضامندي، پنهنجي مرضي ۽ عورت جي جسم جو احترام انساني قدرن جا بنيادي اصول هجڻ گهرجن، پر افسوس سان اڄ به انهن کي پيچيده معاملن طور ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته ائين نه ٿيڻ گهرجي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته ڪنهن به عورت جي ذاتي حدن جو هر صورت ۾ احترام ضروري آهي، ڀلي هن ڪهڙا به ڪپڙا پهريل هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو