حيدرآباد، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ پکين جي شڪار تي پابندي لاڳو

حيدرآباد، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ پکين جي شڪار تي پابندي لاڳو

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ پکين جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چئن ئي ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت سجاول، بدين ۽ ٺٽي ۾ 90 ڏينهن لاءِ پکين جي هر قسم جي شڪار ۽ ڄار هڻڻ تي پابندي هوندي. وائلڊ لائيف کاتي موجب ٿڌن ملڪن مان هجرت ڪري آيل پکين کي جهلڻ لاءِ ڄار هڻڻ تي مڪمل بندش آهي ۽ پکين کي ٻجهڻ يا انهن جي ڪاروبار بابت ڪي به اجازت ناما جاري ناهن ڪيا ويا. ياد رهي ته ان پابنديءَ جو اطلاق 13 سيپٽمبر 2026ع کان 11 ڊسمبر 2026ع تائين رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو