نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناميارائي ڀارتي اداڪاره رشميڪا مندنا سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان صحت بابت معلومات شيئر ڪندي چيو آهي ته هوءَ ڪلهي جي سٽ آئي جنهن کان پوءِ مڪمل آرام ۽ صحتيابي بعد هاڻي ڪم تي واپس موٽي رهي آهي.رشميڪا کي ڪجھ وقت اڳ (ڪلھي) تي سٽ آئي هئي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو هو، پر هاڻي هوءَ بظاهر باقائدي صحتياب ٿي چڪي آهي. اداڪاره ٻڌايو ته هوءَ تمام جلدي پنهنجي التوا ۾ پيل فلمي پروجيڪٽس جي شوٽنگ لاءِ ٻيهر سيٽ تي پهچي رهي آهي ۽ ڪئميرا آڏو اچڻ لاءِ بيحد پرجوش آهي.هن هڪ جذباتي نوٽ لکندي چيو ته جتي هوءَ ڪم تي واپس وڃڻ لاءِ خوش آهي، اتي ئي گھر ۾ ملندڙ آرام، سکون ۽ پنھنجن سان گذاريل وقت کي بيحد ياد ڪندي.










