ڪنڊيارو (اسد جعفري) ڄام شورو جي رهواسڻ ناري قائم خاتون کهاوڙ گهران نڪري ڪنڊيارو واسي نوجوان عبدلقيوم گهلو سان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ شادي ڪري ڇڏي. صحافين ڳالهائيندي هنن ٻڌايو ته ٻنهي پنهنجي مرضي مطابق عدالتي پرڻو ڪيو آهي جنهن تان ناري جا ڀائر چاچا ۽ ماما جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ هو مختلف قسم جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب هو خوف ۾ ورتل آهن ۽ جان جي خطري سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي.










