قلمڪارن ۽ آرٽسٽن پاران وحدتِ سنڌ قلمڪار ڪانفرنس منقعد

قلمڪارن ۽ آرٽسٽن پاران وحدتِ سنڌ قلمڪار ڪانفرنس منقعد

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد ۾ قلمڪارن ۽ آرٽسٽن پاران وحدتِ سنڌ قلمڪار ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي، وحدتِ سنڌ قلمڪار ڪانفرنس ۾ ليککن ، اديبن ، شاعرن ، صحافين ، آرٽسٽن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اسين واضح ڪيون ٿا ته سنڌ نا قابلِ تقسيم وطن آھي ، صوبن جي خود مختياري تي ڌاڙا ھڻڻ غير آئيني آھي ،اسان جي ۾ ھن ملڪ حقيقي جمھوريت نه آھي ، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ھن ملڪ غير آئيني ترميمون پاس ڪيون پيون وڃن ، تازو ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، اسان کي حيرت آھي ته مسئلا حل ڪرڻ بدران انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي ڳالھ ڪري رھيا آھن،هنن چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي، ڪڏھن به سنڌ کي انتظامي يونٽن ورھائڻ جي ڪڏھن به غلطي نه ڪجو ، عام سنڌ جي ماڻھن جي جذباتن جو توھان کي ٻڌايون ٿا ته سنڌ جي جاگرافي جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو ، پير صاحب پاڳارو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد چيو جو ته اردو ڳالھائيندڙ ۽ اسان گڏجي رھنداسين، انڪري اردو ڪارڊ نه کيڏو.

پهنجو تبصرو موڪليو