حضرت بهرم بري جو ميلو متل، پهلوان بگٽي ميدان ماري ويو

سانگهڙ(خير محمد مگسي ) پيرونمل لڳ حضرت بهرم بري شير جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان  ٻئي ڏينهن به جاري ميلي ۾ زبردست ملاکڙو ملهه پهلوانن زبردست مقابلا ڪيا شوقينن جا هوڪرا سيٽيون جن ۾ پهرين جوڙ ۾ جان محمد بگٽي يار محمد مري کي ٻئي ملهون دسي 10 هزار انعام کنيو. پهلوان گل منير خاصخيلي پهلوان ممتاز مري کي ٻئي ملهون دسي 5000 هزار انعام کنيو. پهلوان بادل مري پهلوان شوڪت شاھ کي ٻئي ملهون دسي 400هزار انعام کڻي ويو . جڏھن ته پهلوان علي دوست شر پهلوان علي حيدر خاصخيلي کي دسي 300 انعام کڻي ويو. غلام حسين پٺاڻ غفور چانڊيو کي ٻئي ملهون دسي گهمائي گهمائي بيهوش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي   جڏهن ته پهلوان حنيف خاصخيلي پپو شاھ پهلوان صادق علي شاھ، نظام چانڊيو ، پهلوان معشوق علي ملوڪاڻي لکمير زرداري کي ملهون ماري ميدان ۾ داد حاصل ڪيو.

 ياد رهي ته هي ميلو 60 لک رپيا ٺيڪي تي هئڻ ڪري مهنگائي عروج تي آهي دڪاندارن پنهنجا من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن ڪشمش 600 رپيا ڪلو کير پيڙا 1200 رپيا ڪلو ماجون 500 رپيا ڪلو پڪ مٺائي 500 رپيا ڪلو هئڻ ڪري مسڪين ماڻهن جون دانهون نڪري ويون آھن. ٻارڙن جي راند روند لاءِ ۽ ماڻهن جي خريداري لاء ٿانون؛ ٿر جي کٿين؛ چوپائي مال جي سينگار لاء آيل سامان به ريٽن ۾ چوٽ تي چڙهيل آهي ميلي ۾ ٻئي ڏينهن به ايس ايس پي سانگھڙ جي حڪم تحت سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن جئين ڪو به اڻوڻندڙ واقعو نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو