هندو برادري کي 200 سال پراڻو مندر واپس، گوردوارو به ڏيو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي زوب ۾ 72 سالن بعد مندر هندو برادري جي حوالي ڪيو ويو. هن مندر ۾ 30 سالن تائين سرڪاري اسڪول هلايو ويو جنهن کي هاڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. مندر هندو برادري جي حوالي ڪرڻ بابت منعقد ڪيل تقريب جميعت علما اسلام جو اڳواڻ مولانا الله داد ڪاڪڙ خاص مهمان هو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سليم طاحه ۽ علائقي جي مختلف برادرين جا معززين به موجود هئا جتي 4 ڪمرن تي مشتمل مندر جي چاٻي هندو برادري حوالي ڪئي وئي. ڊي سي چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته هندو برادري کي مولانا مندر جي چاٻي ڏني ان سان مذهبي رواداري قائم ٿيندي. هندو پنچائت جي اڳواڻ سليم جان چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جمال خان مندو خيل ۽ انتظاميه جا شڪر گذار آهيون جن اسان کي مندر واپس ڪيو. هن چيو ته هتي سک برادري جو گوردوارو به سکن کي واپس ڪريو ڇو ته ان ۾ به اسڪول هلي رهيو آهي. هن چيو ته سکن کي ڪا به عبادتگاهه ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو