پريمي جوڙي جو ڌمڪين خلاف احتجاج، تحفظ جو مطالبو

ٺري ميرواهه (زاهد شر) عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران موتمار ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان  موقعي تي نوجوان ناري عشرت حسين پنهنجي مڙس غلام مصطفي شر سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل مهيني 16جنوري تي خيرپور جي عدالت ۾ شريعت محمدي موجب ٺري ميرواھ جي ڳوٺ عبدالستار شر واسي غلام مصطفي شر سان مرضي موجب پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن بعد منهنجو پيءُ غلام قادر نول منهنجا ماما ۽برادري جا ماڻھو ڏمرجي  منهنجي جان جا ويري بڻجي ويا آھن. فون ڪري مونکي مڙس سميت قتل ڪرڻ جون موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسانجي حياتي خطري هيٺ آھي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون هن ڊي آءجي سکر  ايس ايس پي خيرپور ڊي ايس پي ٺري ميرواھ  ۽ عورتن جي حقن واري  تنظيمن سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو  ته  موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ سندن مائٽن خلاف  ڪيس داخل ڪري کين تحظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو