فيض شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

فيض شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

صوڀوديرو(مظهر نعمت علي منڱڻيجو) فيض شاخ ۾ ھڪ مھيني کان پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف آبادگارن پاران لاڙڪاڻو سوڀوديرو روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جمال محمود کھڙو، زاھد سامٽيو، محمد راشد، فريد سيال، خادم علي ملاح، ذوالفقار جيلاني، احمد کھڙو، مشتاق احمد ناريجو، عبدالحميد کھڙو، علي بخش سولنگي، ممتاز کھڙو، ربنواز کھڙو ۽ ٻين آبادگارن چيو ته گذريل ھڪ مھيني کان فيض شاخ بند آهي سڄي سنڌ جا سڀ ڪئنال کلي ويا آهن پر ڪرپٽ انجنيئر راج ڪمار پئسن تي مٽي پٺاڻن کي ڏئي ڊمپرن وارن کي وڪرو ڪري ڏني آهي جنهن ڪري انهن کيس چيو آهي ته پاڻي نه کوليو جنهن ڪري فيض نھر تي بيٺل لکين ايڪڙ فصل سڪي سڙي رھيو آهي. ھنن چيو ته وڏو ظلم آهي آبادگارن سان ٿيل ظلم تي ڪير به قدم کڻڻ وارو ڪونھي. ھنن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ انجنيئر کي گرفتار ڪري ھٽايو وڃي ۽ پاڻي جلد کوليو وڃي ٻي صورت ۾ انجنئير آفيس اڳيان ھزارين آبادگار ڌرڻو ھڻندا.

پهنجو تبصرو موڪليو