ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪينسر جي موذي مرض جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ 9 اهم دوائن کي سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري پاران جعلي، غير معياري ۽ غير رجسٽرڊ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن بعد مريضن جي زندگين سان کيڏندڙن خلاف وڏي ايڪشن جي تياري ڪئي وئي آهي. ڊائريڪٽر سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سيد عدنان رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ليبارٽري جي رپورٽ کانپوءِ انهن ادويات تي سخت ايڪشن ورتو ويو آهي. هن ٻڌايو ته جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته ڪينسر جي ڪجهه دوائن ۾ اهو اصل فعال ڪيميڪل (فارمولا) سرءُ مان موجود ئي ناهي جيڪو ڪينسر جي سيلز کي ختم ڪندو آهي. ان کان علاوه ڪيترن ئي دوائن تي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جا رجسٽريشن نمبر پڻ درج ٿيل ناهن. ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت اها به سامهون آئي آهي ته ڪيترائي آنڪولوجسٽ (ڪينسر جا ڊاڪٽر) مريضن کي ڏيندڙ نسخن تي مخصوص فارميسين جا نالا لکي ڏيندا آهن، جنهن ڪري مريض اتان ئي اهي مهانگيون ۽ جعلي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. هن چيو ته اهي غير معياري دوائون مريضن جي جانين لاءِ وڏو خطرو آهن، ڇاڪاڻ ته جعلي دوائن جي استعمال سان ڪينسر جو علاج اثرائتو نٿو رهي ۽ مرض وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو.










