هرمز بندش، پاڪستان پاران تيل جي متبادل ذريعن جي ڳولا

هرمز بندش، پاڪستان پاران تيل جي متبادل ذريعن جي ڳولا

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) هرمز جي لڪي (آبناءِ هرمز) جي مبينا بندش ۽ حوثين پاران ڳاڙهي سمنڊ (بحيره احمر) جي بندرگاهه ينبع کان باب المندب جي رستي سعودي تيل جي ترسيل تي پابندي جي اعلان کانپوءِ پاڪستان خليجي ملڪن کان علاوه خام تيل جي درآمد جا متبادل ذريعا ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن اڳڀرائي ملڪ جي توانائي جي سلامتي واري حوالي سان خدشن کي جنم ڏنو آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملڪ جي آئيل ريفائنرين جي چيف ايگزیکيوٽو آفيسرن (CEOs) ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽرن (MDs) جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ آمريڪا، ايران ۽ حوثين جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيندڙ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير ريفائنرين جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پاڪستان کي خام تيل جي بنا روڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي متبادل درآمدي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ شريڪ اعليٰ اختيارين ٻڌايو ته ان هدايت کانپوءِ ريفائنرين بين الاقوامي تجارتي ڪمپنين سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن آمريڪا، سنگاپور، نائيجيريا ۽ وچ ايشيائي ملڪن مان خام تيل جي دستيابي جو جائزو وٺي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو