پاڪستان ايندي ئي هڪ مهيني ۾ 6 اي-چالان ٿي ويا: صنم جنگ

پاڪستان ايندي ئي هڪ مهيني ۾ 6 اي-چالان ٿي ويا: صنم جنگ

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ اداڪاره صنم جنگ ٻڌايو آهي ته مون کي پاڪستان آئي 1 مهينو ٿيو آهي ۽ ان دوران مون تي 6 ڀيرا ڊرائيونگ جو جرمانو لڳي چڪو آهي، ۽ اهڙين شين تي به جرمانو ٿيو آهي جيڪي مون ڪيون ئي ناهن. صنم جنگ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڪراچي جي اي-چالان سسٽم (E-Challan System) سبب پيش ايندڙ پنهنجا تجربا بيان ڪندي چيو ته هڪ مهيني ۾ 6 جرمانا ٿيڻ تي سندس والد به ڪافي ناراض آهي.هن ٻڌايو ته پهريون جرمانو ڊرائيونگ دوران موبائل فون تي ڳالهائڻ جي ڪري ٿيو، جنهن کي هن پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو ته ان تي جرمانو بنجي ٿي ها. پر اداڪاره موجب، بعد ۾ سندس مٿان اهڙا جرمانا به لاڳو ڪيا ويا جيڪي هن ڪيا ئي نه هئا، جن ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ جو چالان به شامل آهي. صنم جنگ چيو ته هوءَ هميشه سيٽ بيلٽ ٻڌي گاڏي هلائيندي آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيهه ۾ رهڻ ڪري اها سندس پڪي عادت بڻجي چڪي آهي ۽ هوءَ سيٽ بيلٽ لڳائڻ کان سواءِ گاڏي اسٽارٽ به ناهي ڪندي. اداڪاره چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته جن ڪمن جي هن خلاف ورزي ئي ناهي ڪئي، انهن تي به ڇو جرمانا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ان صورتحال تي کيس گهر ۾ گارڊيون (ڊانٽ) به ٻڌڻي پئجي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو