جده  کان پي آئي اي جي حج اڏام جي روانگي ٻيهر دير جو شڪار

جده کان پي آئي اي جي حج اڏام جي روانگي ٻيهر دير جو شڪار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پي آئي اي جي حج اڏام جي روانگي هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار ٿي وئي آهي.جده ايئرپورٽ تان روانگي لاءِ تيار جهاز فني خرابيءَ سبب ريمپ تان واپس اچي ويو، جنهن ڪري وطن واپسيءَ جا منتظر حجاج سڳورا سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا. حج اڏام کي صبح جو ڪراچي لاءِ روانو ٿيڻو هو، پر ڪيترن ئي ڪلاڪن جي دير جي باوجود اڏام رواني نه ٿي سگهي.پي آئي اي جي ترجمان موجب، مسافرن کي لائونج ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جهاز ڏانهن انجنيئرز کي موڪليو ويو آهي؛ جهاز جي فني خرابي دور ٿيندي ئي ان کي روانو ڪيو ويندو. ترجمان پي آئي اي وڌيڪ چيو ته حجاج کي ٿيندڙ تڪليف ۽ پريشانيءَ تي معذرت خواه آهيون، پي آئي اي جو سي اي او ۽ انجنيئرنگ انتظاميا ان مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو