نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي ٽريفڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي ٽريفڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز: (ن س) قومي شاهراهه تي ڪوٽڙي ڪبير ويجهو ٽرالر پاران موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب، فوت ٿيل ماڻهن جو تعلق شر برادريءَ سان آهي. حادثي کان ترت پوءِ لاشن کي ضروري قانوني ڪارروائيءَ لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ جوابدار جي ڳولا جاري آهي. واقعي جي ڪري قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني ڪجهه دير لاءِ متاثر ٿي، جنهن تي پوليس موقعي تي پهچي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آندو. شروعاتي جاچ موجب تيز رفتاري کي حادثي جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي، پر واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو