سنڌ پوليس جا شهيد اسان جو فخر آهن: مراد شاهه

سنڌ پوليس جا شهيد اسان جو فخر آهن: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شهيد اسان جو فخر آهن.نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سنڌ پوليس جي ڊي ايس پيز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جو پوليس آفيسرن جي پيشيورانه تربيت ۾ اهم ڪردار آهي، تربيت مڪمل ڪندڙ ڊي ايس پيز کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته توهان انتهائي پيشيورانه تربيت جو عمل مڪمل ڪيو آهي، ڊي ايس پيز کي عملي ميدان ۾ عوام جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪرڻي آهي ۽ پوليس تي عوام جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته دهشتگردي جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻ ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو ڪردار بنيادي اهميت وارو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن (ڏوهارين) سان منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه اهو به چيو ته امن امان برقرار رکڻ ۾ سنڌ پوليس جي بهادري، عزم ۽ لڳن اٽل (غير متزلزل) آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو