وڏي وزير پاران صوبي ۾ انسداد ربيز مهم جي آغاز جو اعلان

وڏي وزير پاران صوبي ۾ انسداد ربيز مهم جي آغاز جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ انسداد ريبز مهم جو آغاز ڪندي اعلان ڪيو آهي ته حڪومت سنڌ آگاهي، بهتر علاج، ويڪسين جي فراهمي ۽ آواره ڪتن جي آبادي تي مؤثر ڪنٽرول جي ذريعي ريبز مان ٿيندڙ قابِل تدارڪ اموتن جي خاتمي لاءِ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪندي. وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ريبز هڪ سنگين پر قابِل تدارڪ عوامي صحت جو مسئلو آهي ۽ تمام متعلقہ ادارا باهمي تعاون سان بروقت علاج، عوامي آگاهي ۽ مؤثر حفاظتي اقدامات يقيني بڻائين. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري اطلاعات نديم ميمڻ، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالباري، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار ميمڻ، چيف ايگزيوٽو آفيسر پي پي ايڇ آئي جاويد جاگيراڻي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2025 جي دوران سنڌ ۾ ڪتي جي ڪاٽڻ جا 2 لک 85 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته وڏن اسپتالن ۾ ريبز مان 22 کان وڌيڪ اموتون رڪارڊ ڪيون ويون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جنوري کان اپريل 2026 تائين 85 هزار 891 سگ گزيدگي (ڪتي ڪاٽڻ) جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. مهم جو آغاز ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت سنڌ انساني جانين جي تحفظ لاءِ علاج ۽ احتياتي نظام ٻنهي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ”ريبز مڪمل طور تي قابِل تدارڪ بيماري آهي ۽ ڪنهن به شهري جي جان آگاهي، ويڪسين يا بروقت علاج جي ڪمي جي ڪري نه وڃڻ گهرجي.“ هن چيو ته سنڌ بهر جي طبي مرڪزن ۾ اينٽي ريبز ويڪسين ۽ ايميونوفلوبيولن جي مسلسل دستيابي يقيني بڻائي ويندي. هن جو چوڻ هو ته اسان ريبز جي مؤثر تدارڪ لاءِ صحت، بلدياتي ادارن، ريسڪيو سروسز، ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن تي مشتمل ڪثيرالجهتي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير مرحومہ ماهر امراض متعديہ ڊاڪٽر نسيم صلاح الدين کي خراج عقيدت پيش ڪندي کين پاڪستان ۾ ريبز جي روڪٿام جي علمبردار قرار ڏنو ۽ چيو ته ”ريبز فري پاڪستان“ لاءِ سندن زندگي بهر جي جدوجهد مستقبل جي صحت عامہ منصوبن لاءِ مشعلِ راهه رهندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022 ۾ شروع ڪيل سنڌ ريبز ڪنٽرول پروگرام تحت 20 ضلعن ۾ آواره ڪتن جي نس بندي ۽ ويڪسينيشن مهم جاري آهي. هاڻي تائين 25 هزار 500 کان وڌيڪ ڪتن جي نس بندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي، مٽياري، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين ضلعن ۾ قائم ريبز ڪنٽرول پروگرام سينٽرز جي ذريعي 36 هزار 900 کان وڌيڪ ڪتن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ وڌيڪ 11 مرڪز جلد فعال ٿي ويندا. وڏي وزير سنڌ بلدياتي ادارن کي شهري ۽ ديهي علائقن ۾ آواره ڪتن جي آبادي تي ڪنٽرول جا پروگرام تيز ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته آواره ڪتن جي مسئلي جي حل لاءِ عارضي اقدامات جي بجاءِ انساني، سائنسي ۽ پائيدار حڪمت عملي اپنائڻي پوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ بهر ۾ ڪتي جي ڪاٽڻ جي متاثرن جي ابتدائي علاج لاءِ عالمي ادارہ صحت (WHO) جي معيار مطابق 278 انسداد ريبز مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته شديد متاثر ڪيسن جي علاج لاءِ 112 ريفرل سينٽرز فعال ڪيا ويا آهن جتي چويهي ڪلاڪ اينٽي ريبز ويڪسين ۽ ريبز ايميونوفلوبيولن دستياب آهي. وزير صحت وڏي وزير کي ٻڌايو ته جاري پروگرام جي دوران 63 هزار کان وڌيڪ مريضن کي اينٽي ريبز ويڪسين جڏهن ته 8 هزار 700 کان وڌيڪ مريضن کي اي آر آئي جي (ERIG) علاج فراهم ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڏني ته تمام ريفرل سينٽرز کي مڪمل طور تي فعال ۽ مطلوبہ عملي سان آراستہ رکيو وڃي. هن چيو ته دوائن، عملي يا سهولتن جي ڪمي جي ڪري ڪنهن به مريض کي علاج کان محروم نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عالمي ادارہ صحت جي منظور ٿيل رهنمائي اصولن تحت انڊس اسپتال هيلٿ نيٽ ورڪ جي تعاون سان ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ريسڪيو 1122 اهلڪارن جي تربيت جاري آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٽي وي، پرنٽ، سوشل ميڊيا، اسڪولن ۽ ڪميونٽي پروگرامز جي ذريعي ست روزه صوبائي آگاهي مهم به شروع ڪئي وئي تاڪي عوام کي ڪتي جي ڪاٽڻ کانپوءِ احتيات، ابتدائي طبي امداد ۽ بروقت علاج سان متعلق آگاهه ڪري سگهجي. وڏي وزير سنڌ اي آر وي پيشنٽ ٽريڪنگ سسٽم جي تياري کي سراهيندي چيو ته ان ڊيجيٽل نظام جي ذريعي سنڌ بهر ۾ سگ گزيدگي جي واقعن، ويڪسينيشن ۽ فالواپ خوراڪن جي ريئل ٽائيم ۾ نگراني ڪري سگهبي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه صحت کاتي کي هدايت ڏني ته حتمي منظوري کان فوراً پوءِ ڊيجيٽل مانيٽرنگ سسٽم فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نگراني سان ردعمل جو وقت بهتر ٿيندو، جوابدهي وڌندي ۽ قيمتي جانين کي بچائي سگهبو. وڏي وزير سنڌ اطلاعات کاتي کي هدايت ڏني ته اردو، سنڌي ۽ علائقائي ٻولين ۾ آگاهي مهمن کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي تاڪي عوام تائين وڌ کان وڌ رسائي حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته عوامي آگاهي ئي ريبز جي خلاف سڀ کان مضبوط دفاع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو