بينڪن مان رقم کڻي نڪرندڙ شهرين لاءِ سيڪيورٽي جو اعلان

بينڪن مان رقم کڻي نڪرندڙ شهرين لاءِ سيڪيورٽي جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس وڏي پئماني تي پئسن سان بينڪن مان نڪرندڙ شهرين لاءِ پوليس سيڪيورٽي جو اعلان ڪيو آهي.تفصيل موجب، سنڌ پوليس جو هي قدم وڏي پئماني تي پئسن سان بينڪن مان نڪرندڙ شهرين کان ڦرلٽ جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ سامهون آيو آهي.شهرين کي هن سهولت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ، مختلف اسٽيشن پوليس آفيسرن (ايس ايڇ اوز) پاران بينڪن ٻاهران بينر لڳايا ويا آهن، جن ۾ شهرين کي انهن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.جڏهن ته، پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي اعلان جي باوجود، شهري پوليس سيڪيورٽي نه وٺي رهيا آهن، جيڪو پوليس تي بي اعتمادي جو واضح ثبوت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو