پهلگام واقعو هڪ جعلي آپريشن هو، ڀارت جاچ کان ڀڄي ويو: تارڙ

پهلگام واقعو هڪ جعلي آپريشن هو، ڀارت جاچ کان ڀڄي ويو: تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پهلگام واقعو هڪ جعلي فليگ آپريشن هو، ڀارت جاچ کان ڀڄي ويو، پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي سطح تي فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هن جنگ ۾ ڏنل قربانيون ناقابل فراموش آهن.انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ ‘سچ جي جنگ’ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن رياست جي حيثيت سان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت پنهنجي اندروني مسئلن ۽ ناڪامين جو الزام پاڪستان تي لڳائي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو