ڊاڪٽر سارنگ قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، زال گرفتار

ڊاڪٽر سارنگ قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، زال گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊاڪٽر سارنگ قتل ڪيس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس مقتول جي زال کي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.اختيارين موجب، ڊاڪٽر سارنگ کي 21 اپريل تي ڪراچي ۾ شارع فيصل ميٽروپول جي ويجهو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري هئي.جاچ دوران، ثبوتن ۽ ٽيڪنيڪل معلومات جي بنياد تي، مقتول جي زال رومينا تي شڪ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ وڌيڪ جاچ ۾ سندس مبينا ڪردار جا ثبوت سامهون آيا.ذريعن موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي جوابدار ۽ سندس هڪ ساٿي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪرائي جي ڪار به هٿ ڪئي وئي آهي.پوليس موجب، ڊاڪٽر سارنگ پنهنجي زال سان رڪشا ۾ وڃي رهيو هو، جوابدار ڪار ۾ چڙهي فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو. جوابدار جوڙي جو پيڇو ڪري رهيا هئا.ڊاڪٽر سارنگ گلستان جوهر ۽ ڪورنگي ۾ ٻن مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو