ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سولجر بازار ۾ واٽهڙي عورت کي ڀڄندڙ ڌاڙيلن گولي هڻي ماري ڇڏيو.ڪراچي ۾ سولجر بازار نمبر 2 جي ويجهو ڦر جي هڪ واقعي ۾ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي جوابدارن مٿي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيو. هوءَ علاج دوران فوت ٿي وئي.پوليس موجب، 57 سالن جي ياسمين هڪ ميوي فروش جي دڪان وٽ بيٺي هئي جڏهن جوابدارن ڦر ڪرڻ کان پوءِ ڀڄندي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.واقعي کان فوري پوءِ، زخمي عورت کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڦر دوران پيش آيو، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










