ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هيلٿ رپورٽرز ايسوسيئيشن (ايڇ آر اي) جي چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي ايڇ آر اي جي نئين قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هيلٿ رپورٽرز صحت جي شعبي ۾ عوامي آگاھي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ۽ اميد آهي ته نئين قيادت صحت جي شعبي سان لاڳاپيل مسئلن کي اثرائتي انداز ۾ وائکو ڪندي. هن چيو ته هڪ ذميوار ۽ فعال هيلٿ جرنلزم نه رڳو عوامي شعور وڌائيندو آهي پر پاليسي سازي ۾ پڻ مدد ڪندو آهي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت صحافي برادري جي ڀلائي ۽ پيشيوراڻي ترقي لاءِ قدم کڻڻ جاري رکي رهي آهي، هيلٿ رپورٽرز جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا.










