ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ ٻيو واقعو، 50 سالن جو شهري قتل

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ ٻيو واقعو، 50 سالن جو شهري قتل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر بلاڪ 11 جي ويجهو نامعلوم جوابدارن هڪ شهري تي گهيرو ڪري حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ 50 سالن جي واجد جي نالي سان ٿي آهي. واقعي ۾ هڪ شخص زخمي به ٿيو. زخمي جي سڃاڻپ 55 سالن جي سيلا بشير جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جي لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، مقتول ۽ زخمي شايد موٽرسائيڪل تي سوار هئا. نامعلوم هٿياربند جوابدارن مقتول جي مٿي ۾ گولي هڻي کيس قتل ڪيو. واقعي واري هنڌ تان ڪو به خول نه مليو. مقتول کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو.پوليس وڌيڪ چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان ورتا پيا وڃن، ۽ واقعي جي سڀني پهلوئن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو