سون جي دڪان مان چور سون سان ڀريل سيف کڻي فرار

سون جي دڪان مان چور سون سان ڀريل سيف کڻي فرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) هن سال جي سڀ کان وڏي ڦرلٽ ڪراچي جي صدر زيب النساء اسٽريٽ تي ٿي.چورن هڪ زيورن جي دڪان مان ڪروڙين رپين جي سيف چوري ڪري ورتي. پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوار شڪي صبح سوير دڪان ۾ تالا ڪٽي داخل ٿيا ۽ سون ۽ زيورن سان ڀريل سيف کڻي فرار ٿي ويا.شروعاتي اندازن موجب، اڍائي ڪلو سون ۽ 60 تولا زيور چوري ڪيا ويا، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 200 ملين رپيا ٻڌائي پئي وڃي. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ جاري ڪئي وئي آهي. سي سي ٽي وي ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻنهي شڪي ماڻهن چوکيدار تي تشدد ڪيو، سيف کي موٽرسائيڪل تي رکيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا.ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن سيف کي ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جي چوڪيدار جي مدد ورتي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيس جي داخل ٿيڻ لاءِ پريدي پوليس اسٽيشن ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو