نوابشاهه: ارشد ڀٽي جي قتل جو ڪيس پوليس آفيسرن خلاف داخل

نوابشاهه: ارشد ڀٽي جي قتل جو ڪيس پوليس آفيسرن خلاف داخل

نوابشاهه: (ن س) غير قانوني پوليس حراست ۾ فوت ٿيل ارشد ڀٽي جي قتل جي الزام ۾ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، مقتول ارشد ڀٽي جي پيءُ حڪيم ڀٽي جي شڪايت تي نوابشاهه ايف آءِ اي آفيس ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايڇ او شهدادپور عمران چانڊيو، ايس ايڇ او نوابشاهه اصغر شاهه کي نامزد ڪيو ويو آهي.شهدادپور ۽ نوابشاهه جي جاچ آفيسرن رمضان ڀٽي ۽ عبدالستار کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ارشد ڀٽي پوليس حراست ۾ وحشيانه تشدد کانپوءِ فوت ٿي ويو.صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ پنجن ئي پوليس آفيسرن کي معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو. ارشد ڀٽي جا وارث لاش سان گڏ قاتلن جي گرفتاري لاءِ 2 ڏينهن کان پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هڻي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو