بدين: موالي پٽ سڳي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

بدين: موالي پٽ سڳي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

بدين:( ن س) بدين شهر کان ڪجھ ڪلوميٽر تي وهڻائي شهر ڀرسان ڳوٺ آچار ملاح ۾ آئيس نشي جي موالي پٽ پنهنجي سڳي ماءُ مسمات الهبچائي زال بچل ملاح کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو اهڙي اطلاع تي بدين پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ انڊس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ بدين پوليس پنهنجي ماءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي. علائقي واسين موجب تہ نوجوان آئيس جو نشو ڪندو هو اڄ پنهنجي ماءُ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي علائقي واسين موجب تہ بدين ۾ آئيس جي نشي ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن نوجوان نسل آئيس جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اهڙا واقعا رونما ٿي رهيا آهن جلد آئيس جهڙي موضي مرض کي ختم ڪري نوجوان کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو