ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بن قاسم ٽائون علائقي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي هڪ نوجوان ڇوڪري پنهنجي گهر ۾ زير زمين پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري فوت ٿي وئي.
پوليس موجب، واقعو پيري سنڌي ڳوٺ در محمد ڳوٺ ۾ ناد علي امام بارگاهه جي ويجهو پيش آيو. فوت ٿيل ڇوڪري جي سڃاڻپ 3 سالن جي بيبي شفا جي نالي سان ٿي آهي، جيڪا رشيد جي ڌيءَ هئي. ڇوڪري جي لاش کي ايڌي ايمبولينس ذريعي ويجهي اسپتال پهچايو ويو.
ايس ايڇ او بن قاسم ٽائون فيصل رفيق موجب، ڇوڪري جو پيءُ هڪ محنتي ڊرائيور آهي جيڪو واقعي وقت ڪم تي هو، جڏهن ته ماءُ گهر جي ڪمن ۾ مصروف هئي، ان دوران، ڇوڪري راند ڪندي هڪ زير زمين پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس موت واقع ٿيو.
پوليس ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪري جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ان واقعي علائقي ۾ ڏک جي فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شهرين کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته اهي اهڙن سانحن کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ حفاظتي اپاءَ وٺن










