ڪراچي ۾ سخت گرمي، ماهرن پاران شهرين کي احتياط  ڪرڻ جو مشورو

ڪراچي ۾ سخت گرمي، ماهرن پاران شهرين کي احتياط ڪرڻ جو مشورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي صحت جي ماهرن شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.ان حوالي سان صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي جي شدت وڌڻ سان مختلف انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو آهي، شهري ٻاهرين کاڌي پيتي کان پاسو ڪن.صحت جي ماهرن چيو آهي ته هلڪا ڪپڙا پائڻ، ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجو مٿو ڍڪڻ ۽ اُبليل پاڻي پيئڻ، وڌيڪ پسڻ دوران چمڙي کي صاف ۽ خشڪ رکڻ لاءِ دانن ۽ الرجي کان بچڻ لاءِ آهي، انهن چيو ته ٿڌي پاڻي سان منهن ڌوئڻ ۽ هلڪو موئسچرائيزر استعمال ڪرڻ سان چمڙي خشڪي ۽ جلن کان بچي ٿي.ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.رات جو ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڏکڻ اولهه کان وهندڙ هوائن جي رفتار 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جنهن ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو