لاڙڪاڻو: (ن س) باقراڻي ڀرسان هوٽل جي بينچ تي ويهڻ جي معمولي ڳالهه تان آريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران نوجوان قتل ٿي ويو. جهيڙي ۾ مارجي ويل مقتول جي سڃاڻپ 32 ورهين جي رياض حسين آريجا طور ٿي آهي واقعو يونيورسٽي ٿاڻي جي حدن اندر پيش آيو آهي واقعي بعد مقتول جي وارثن پاران ايئرپورٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته ظالمن اسان جي نوجوان کي معمولي ڳالهه تان خنجر جا وار ڪري قتل ڪيو، پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ايف آءِ آر ضرور داخل ڪنداسين.










