لوڌران (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان عالمي صورتحال جي ڪري مهانگائي خلاف تحريڪ جي سڏ کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال پريشاني پيدا ڪئي آهي.جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته ملڪ کي آئين ۽ قانون جي مطابق هلائڻ گهرجي.هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ڪڏهن به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ۽ صوبن جي خودمختياري جي ڳالهه ڪندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اهڙيون چونڊون ٿيڻ گهرجن جيڪي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪن.










