ڌاٻيجي اسٽيشن 48 ڪلاڪن لاءِ بند ، پاڻي جي کوٽ

ڌاٻيجي اسٽيشن 48 ڪلاڪن لاءِ بند ، پاڻي جي کوٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي نئين لائن کي پاڻي جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو عمل اڄ منجهند کان شروع ٿيندو.ان دوران، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 9 مان 7 پمپ 48 ڪلاڪن تائين بند رهندا، 7 پمپن مان پاڻي 27 اپريل تي بحال ڪيو ويندو، جڏهن ته 2 پمپ وڌيڪ 5 ڏينهن تائين بند رهندا.ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، هن دوران نارٿ ڪراچي، سرجاني، اسڪيم 33، گلستان جوهر ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل رهندي.ان کان علاوه، گلشن اقبال، صدر، لانڍي، ڪورنگي، چنيسر ٽائون، ۽ نيپا، صفورا ۽ سخي حسن هائيڊرنٽس جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معطل رهندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر کي روزانو تقريبن 250 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو