ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) فيروز آباد ۾ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو.پوليس موجب، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ عثمان بنگالي جي نالي سان ٿي آهي. جوابدار پنهنجي ساٿي سان گڏ هڪ شهري کي ڦر ڪري رهيو هو. واقعي دوران، پوليس ان هنڌ تي پهتي جتي فائرنگ جو تبادلو ٿيو.پوليس دعويٰ ڪئي ته مقتول جوابدار عثمان بنگالي کي اوڀر ضلعي ۽ ڪورنگي ۾ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو. عثمان بنگالي اوڀر ۽ ڪورنگي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هو.










