ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان منعم ظفر جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سڀني علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي واضح آهي، منعم ظفر پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي آڱريون کڻي رهيو آهي.
هن چيو ته ڪوڙا الزام لڳائي سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، جيڪڏهن جماعت اسلامي کي عوام جي ڳڻتي آهي ته ان کي گمراهه ڪندڙ بيان ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي.










