معمار ۾ شادي تقريب ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

معمار ۾ شادي تقريب ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلشن معمار واري علائقي ۾ ڌني بخش ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب ۾ تڪرار دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿي پيا، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب، شادي جي تقريب دوران مائٽن ۾ سخت جهيڙو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻين مائٽن مداخلت ڪئي ۽ صلح ڪرائي، جهڳڙو ختم ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته تڪرار ختم ٿيڻ جي باوجود، ٻئي ڏينهن هڪ ڌر اوچتو آئي ۽ ٻئي ڌر جي گهر تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا. فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ جلال گل ۽ بهرام گل جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ نعمان، محمد ارشاد، مشرنگ خان ۽ وطن گل شامل آهن. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس فائرنگ ۾ ملوث واصف نالي شڪي کي گرفتار ڪري ورتو. شڪي جي قبضي مان هڪ 30 بور ۽ هڪ 9 ايم ايم پستول هٿ ڪيو ويو آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو