حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي جنون هڪ نوجوان جي جان وٺي ڇڏي. واقعو حسين آباد پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پيش آيو، جنهن بابت مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته نوجوان هٿيار سان ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو ته اوچتو گولي لڳي وئي.شبير گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس به موقعي تي پهچي مقتول جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو.ٻئي طرف، پوليس چيو ته اهي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن.










