حيدرآباد ۾  پنڪ اسڪوٽيز مفت ورهائڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ پنڪ اسڪوٽيز مفت ورهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪومت ڪراچي ۽ سکر کان پوءِ هاڻ حيدرآباد ۾ به پنڪ اسڪوٽيز ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سکر ۾ ڪامياب شروعات کان پوءِ هاڻ حيدرآباد جي عورتن ۾ به پنڪ اسڪوٽيز ورهايون وينديون. هن ٻڌايو ته عورتن کي نه صرف مفت اسڪوٽيز فراهم ڪيون پيون وڃن پر انهن کي ڊرائيونگ لائسنس، هيلمٽ ۽ باقاعده تربيت به ڏني پئي وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ خود اعتماد بنائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي انهي مقصد جي تحت مختلف منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته سکر ۽ شڪارپور کان پوءِ پيپلز بس سروس جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي.
هن اعلان ڪيو ته خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور روٽس تي به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪوهسار، حيدر چوڪ ۽ حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار روٽس تي به انهي سروس جي جلد شروعات ڪئي پئي وڃي. سينئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙن منصوبن جو مقصد عوام کي سستي، بهترين ۽ آرام ڏيندڙ سفري سهوليت فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ حڪومت اهڙا منصوبا متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪي سڌو سنئون عام ماڻهو، خاص طور تي عورتن، نوجوانن ۽ پورهيت طبقي کي فائدو پهچائين

پهنجو تبصرو موڪليو