ڪراچي: نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي: نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موٽرسائيڪل تي سوار ٻه نوجوان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا.حادثو لانڍي مانسهره ڪالوني پي ايس او پمپ جي ويجهو پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري فوري طور تي موقعي تي پهچي وئي. ريسڪيو ٽيمن فوت ٿيلن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ دانش پٽ عبدالرحمان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. گاڏي جي ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو